ٽيهه هزار ڪتاب پڙهيا ته ڇا ٿي پيو

14 10 2009

تران ڱوئين دان ويٽنام
(تران ڱوئين دان اڄ کان ڇهه صديون اڳ ويٽنام جو وڏو عالم ، دانشور ۽ مدبر ٿي گذريو آهي . 1362ع ۾ ويٽنام ۾ وڏو ڏڪار پيو، ان وقت هي ويٽنام جو وڏو وزير هو. ان ڏڪار لاءِ هن پاڻ تا ملامت ڪندي هي نظم چئي.)

نظم

ڪئين سانوڻ بنا برسات جي گُذري ويا
سرءُ جي ڪيترين موسمن ۾ ، اڻ مندائتا مينهن بندنه ٿيا
سارين جا ٻج سُڪي ، سڙي ويا
فصل نه ٿيا
ماڻهو ڏاڍا ڏکيا ٿيا
ٽيهه هزار ڪتاب پڙهيا ته ڇا ٿي پيو
(حيف آهي هن حياتيءَ تي جو)
وار اڇا ٿي ويا
پر ماڻهو اڃان تائين
پنهنجي ماڻهن جو ڀرجھلو
۽ سندن ڀروسي جوڳو
بڻجي نه سگھيو
ٽيهه هزار ڪتاب پڙهيا ته ڇا ٿي پيو





غريب ڄمندي ئي مري وڃي

14 10 2009
    آزاد امام علي جنجھي
    غزل لکان يا گيت لکان هار لکان يا جيت لکان جو به لکان سو پري وڃي غريب ڄمندي ئي مري وڃي

    اڙي پيٽ توسان نه ڪو نه ڪو پُڄندو هاري
    هي مزدور مسڪين زندگي ساري
    پٽڙو پڙهائي يا ٻهاريون ڪڍائي
    وڏيرن جي واڙي مان ڪاٺيون وڍائي
    جتيون پاليش لاءِ کڻايون وڃن ٿيون
    ٻه چار گاريون سڻايون وڃن ٿيون
    ٽڪي جو ٿئي پر ٽپالون ڪري
    پليٽون ڌوئڻ لاءِ پکالون ڀري
    اڱڻ تي اچڻ کان اوڳر تي جھلجي
    سڪل چوٿ پاروٿي اوبر تي پلجي
    ڀلين کير ، کٽو ٿي کري وڃي
    غريب ڄمندي ئي مري وڃي

    اجھي ريءَ اڌوريون ڊگھيون سرد راتيون
    ڳڀي جي ڳولا ۾ گذاري حياتيون
    لُڪن جو لڪن تي لڦون پير ٿي ويا
    تتيءِ جو تگاريون ، پٿون پير ٿي ويا
    ونگارن ۾ شامون وهي ويل ٿي ويئي
    ڪڏهن ڌوڙ پٽڪي ! ڪڏهن تيل ٿي ويئي
    نه احساس ٿيو ڪو التجاءِ جو
    سلو ڀي نه مليو ڪيل ڪنهن وفا جو
    جياپو به جالنگ ٻوري جيئان
    لتاڙي يتيم ڇوري جيئان
    بکيو در تان ويهي وري وڃي
    غريب ڄمندي ئي مري وڃي

    وکون وقت توسان ڀري ڇا سگھون ٿا
    نصيبن جا ماريل ڪري ڇا سگھون ٿا
    ڇلا چيچ ۾ ويا گھڻا گھرگھلا ٿي
    نه پنهنجا ئي بيٺا ڪڏهن ڀرجھلا ٿي
    ويو يار سڀڪو وارا وڄائي
    قدر لاءِ ڇڏيوسين اکين کي ڀڄائي
    پٿر تي ڪو ڳوڙهو ڪري پيو ڇا ٿيو
    شيشي جو سپنو جھري پيو ڇا ٿيو
    ڌڪن جي وقت کي ڌڪيندي سدائين
    رڳو چنڊ تو ڏانهن تڪيندي سدائين
    اهيل زندگي ٿي ڳري وڃي
    غريب ڄمندي ئي مري وڃي